شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ ڪهڙن معاملن تي بحث ٿيندو؟ اهم تفصيل اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ معاشي معاملن، واپار ۽ ڪنيڪٽيويٽي تي فوڪس رهندو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيوته ڪانفرنس ۾ ايس سي او جي اسٽرڪچر ۽ بجيٽ تي بحث ٿيندو پر وڌيڪ ڌيان معاشي معاملن، تجارت ۽ ڪنيٽيويٽي تي رهندو.
ترجمان چيو ته ڪانفرنس پاڪستان جي سفارتڪاري جي نظر ۾ انتهائي اهم آهي، ميمبر ملڪن جي سربراهن جو اچڻ پاڪستان جي کنيل قدمن تي اعتماد جو ثبوت آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هن وقت ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪا به گڏيل ميٽنگ جي رٿابندي نه آهي.
واضح رهي ته ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس سڀاڻي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ چين جي وزيراعظم سميت ٻين ملڪن جا حڪومتي اڳواڻ ۽ وفد پاڪستان پهچي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.