ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جي قيمت 277 رپيا 66 پئسا رهي.
انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 277 رپين 64 پئسن تي بند ٿيو هو، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 2 پئسا مهانگو ٿيو آهي.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 10 پئسا گهٽجڻ کانپوءِ 279.35 رپيا آهي.
You might also like