ملڪ ۾ سون وري مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ٻه سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 75 هزار 7 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 171 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 36 هزار 368 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 3 ڊالر چاڙهه کانپوءِ ٻه هزار ڇهه سئو اڻونجاهه ڊالرن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.