ڪراچي ۾ نياڻين جي عزت نيلام، بلاول ڀٽو جي پ پ سرڪار لاءِ شرم جو مقام

اسلام آباد (طارق متين) ڪراچي ۾ گورنر هائوس ويجهو هڪ شخص مارجي ويو جتي ٽي ايل پي جا ڪارڪن احتجاج ڪرڻ لاءِ پهتا هئا. ان دوران پوليس جا ڪجهه اهلڪار به زخمي ٿيا. شروعاتي ڄاڻ موجب جيڪو ٽي ايل پي جو ڪارڪن مارجي ويو هو ان کي مٿي ۾ لٺ لڳي هئي. ان جي ٿوري وٿي تي پريس ڪلب ٻاهران سنڌ رواداري فائونڊيشن جو هڪ ٻيو مظاهرو ٿيو. مظاهرين کي هر حال ۾ روڪڻ جي تياري ڪئي وئي ۽ اها تياري بلاول  ڀٽو زرداري جي پ پ حڪومت طرفان ڪئي وئي هئي جڏهن ته ان کان اڳ سڀ کان وڌيڪ پ پ پاڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. پريس ڪلب ٻاهران موجود دانشور جامي چانڊيي جي نياڻي روميسا کي پوليس اهلڪار عورتون گهلي کڻي ويون. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ وڊيو ۾ مريم نواز جي گرفتاري تي دانهين رهيو هو ته توهان ڪيترا بيغيرت آهيو. سنڌ رواداري فائونڊيشن، هيومن رائيٽس ڪميشن جا ماڻهو به ان موقعي تي گرفتار ڪيا ويا. گرفتاريون ۽ لٺبازي ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جو اهو شرمناڪ ڪردار هو. ڪنهن کي احتجاج ڪرڻ ناهي ڏيڻو اهو فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌان ٿيو آهي ۽ هي حڪومت ان فيصلي تي هلي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.