نياڻين ۽ صحافين تي تشدد جي مذمت، قلم 144 باوجود پرتشدد مظاهرا سمجهه کان ٻاهر آهن: لنجار

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ  الحسن لنجار وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته سول سوسائٽي ۽ مذهبي تنظيمن طرفان هڪ ئي ڏينهن مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ڪمشنر ڪراچي طرفان 144 قلم لڳايو ويو، پرتشدد مظاهرا  ٿيا جنهن سبب 2 پوليس اهلڪار شديد زخمي ٿي پيا آهن،  جڏهن ته پوليس موبائل کي باھ ڏئي ساڙي ويو آهي، جيڪي واقعا ٿيا اهي سمجھه کان بالاتر آهن،  خاص طور تي ان وقت جڏهن سنڌ حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن جي مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي،  جنهن ۾ پوليس آفيسرن پرائيويٽ جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو،  ايف آءِ آر داخل بعد ڪجهه آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪجهه آفيسرن گرفتاري کان اڳ واري ضمانتون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته ڪجهه آفيسر فرار آهن،  انهن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگيءَ جو هي مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي نه صرف ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي سسپينڊ ڪيو ويو پر انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ان باوجود پرتشدد مظاهرا ڪرڻ سمجهھ کان بالاتر آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردي جو واقعو پڻ پيش آيو هو، جيڪو پرڏيهي ملڪن ۽ ملڪ ۾ موجود دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ سان ٿيو آهي، سنڌ جي امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته عورتن تي لاٺي چارج تي افسوس ٿيو آهي ، ڪاروائي ڪنداسين،  هن چيو ته جيڪڏهن صحافين سان ڪا زيادتي يا تشدد ٿيو آهي ته ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم احسن طريقي سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته اوهان جنهن سلوگن سان ريلي ڪڍي رهيا هئا ته ان اثر اهو ٿيو ته اسان جي بدنامي ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.