جيڪو ڏوهه شرپسندن عمرڪوٽ ۾ ڪيو، اهو ڏوهه حڪومت ڪراچي ۾ ڪيو\جامي چانڊيو

ڪراچي: نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته اسان جي طرفان هي احتجاج پرامن هو, پر حڪومت ۽ پوليس ان پرامن احتجاج کي پرامن رهڻ نه ڏنو. هن چيو ته سنڌ ۾ فسادي قوتون اسان کي قبول ناهن. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو عدالت کان مٿانهون قتل برداشت جوڳو ناهي. هجوم کڻي شهر بند ڪرائڻ ۽ بيگناهه ماڻهو مارڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي, جيڪڏهن ائين ئي شرپسندن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي ته پوءِ صورتحال خراب ٿيندي. هن چيو ته سماج ۾ دهشت پيدا ڪرڻ ناقابل معافي ڏوهه آهي, جيڪو ڏوهه شرپسندن عمرڪوٽ ۾ ڪيو اهو ساڳيو ڏوهه اڄ حڪومت هتي ڪيو آهي. حڪومت پرامن ماڻهن کان جائز آئيني ۽ قانوني حق کسيو آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر بخشل ٿلهو چيو ته هي بدترين بربيت آهي, سنڌ پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ جي لاءِ هي سڄي ڪارروائي ڪئي آهي, اسان جو سادو مطالبو هو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن ۽ قتل ڪرڻ جون هدايتون توڙي فتوائون جاري ڪندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ عدالتن کان مٿانهون شهرين جو قتلام بند ڪيو. جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سورهيه سنڌي چيو ته پوليس پرامن ماڻهن مٿان بدترين تشدد ڪري پنهنجي پت وائکي ڪئي آهي, اڄ سنڌ جي شعور پاڻ ملهايو آهي, هي احتجاج ڪامياب احتجاج هو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.