اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان سان فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (فافن) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ ۾ آئيني عدالت جي قيام جي اصولي طور حمايت ڪئي وئي. سينيٽر شيري رحمان سان ملاقات ۾ فافن جي وفد اصولي طور تي پ پ سان آئيني عدالت جي قيام تي اتفاق ڪيو. فافن جي وفد ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر راشد چوڌري، صلاح الدين ۽ جوبلي بانو به شامل هئي. سينيٽر شيري رحمان وفد کي وفاقي آئيني عدالت جي معاملي تي مسودي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. فافن اصولي طور تي پ پ سان آئين عدالت جي قيام تي اتفاق ڪندي پنهنجون تجويزون به پيش ڪيون.