ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي ، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته شهرين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن؟، سنڌ سرڪار جي وڪيل ڪامران بلوچ چيو ته جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن، سرڪاري وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي اجلاس ۾ شهري کي کنڀي گم ڪرڻ جو تعين ڪيو ويو آهي، سرڪاري وڪيل چيو ته شهري جي خاندان جي مالي مدد جي سمري به منظور ڪئي وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شهري جي پوڙهي پيءُ کي حراسان ڪيو پيو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شهري جي پيءُ پنهنجو اڪائونٽ رقم منتقل ڪرڻ لاءِ ڏنو ته پوءِ شهري جي زال جو اڪائونٽ کولڻ لاء چيو ويو ، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته گم ٿيل شهري جي زال جو اڪائونٽ کوليو ويو آهي پر رقم اڃا منتقل ناهي ٿي. عدالت شهري جي خاندان کي 14 آڪٽوبر تائين مالي مدد فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، سرڪاري وڪيل چيو ته سچل ڳوٺ ٿاڻي جي علائقي مان گم ٿيل شهري سجاد پوليس کي گهربل هو.سرڪاري وڪيل چيو ته شهري خلاف ڪيس داخل هو پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو، عدالت گم ٿيل شهري جي گمشدگي جي درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جي آءِ ٽي جو اجلاس ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت وفاقي حڪومت ۽ وفاقي صوبائي گهرو کاتي آء جي سنڌ ، ڊي آء جي جاچ ء ٻين واسطيدار ادارن کان تازيون رپورٽون طلب ڪري ورتيون . عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.