اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شرڪت نه ڪئي. اجلاس کانپوءِ اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، جنهن لاءِ مرڪزي ڪميٽي کان وٺي علائقائي سطح تائين تنظيمي ذميوارن ۽ ونگز کي تيارين جي هدايت ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي پرامن احتجاج جي تيارين کي ڏسندي پنجاب جي ضلعن ۾ ٿيندڙ احتجاج کي ملتوي ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پوءِ اعلان ڪيو ويندو. ياد رهي ته 15هين ۽ 16 تاريخ تي شنگهار سهڪار تنظيم جو اجلاس ٿي رهيو آهي جڏهن ته ان کانپوءِ حڪومت کي آئيني ترميمن جو معاملو اڳتي وڌائڻو آهي ڇو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريٽائر ٿي رهيو آهي.