گهوٽڪي(ڊر) گهوٽڪي ويجھو ڳوٺ عظيم چاچڙ ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ ڪار کي باهه ڏئي رضيه زال سهراب چاچڙ کي ساڙي مارڻ واري واقعي جو رات جي پيٽ ۾ سردار غلام عباس عرف پپو خان چاچڙ ۽ رئيس نبي بخش چاچڙ جي سرپئچي ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ عورت جي مڙس سهراب چاچڙ مٿان زال کي باهه ڏئي ساڙڻ وارو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي رضيه چاچڙ جي خون جو 30 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته عورت جو لاش نه کڻڻ، پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ ۽ ڪيس داخل نه ڪرائڻ ۽ پوليس خرچ سميت 30 لک خرچ مقرر ڪيو ويو، اهڙي ريت جوابدار ڌر مٿان مجموعي طور تي 60 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو، ذريعن موجب ته رضيه جي پيءُ امير بخش چاچڙ ۽ عورت جي مڙس سهراب چاچڙ جي ڌرين ۾ جرڳو ٿيو آهي، علائقي ۾ چئوٻول آهن ته فيصلو ڳجھه ڳوهه ۾ ڪيو ويو آهي، ڌرين کي جرڳو ظاهر ڪرڻ کان به روڪيو ويو آهي.