ڪراچي ( رپورٽر ) جڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ ٽن ورهين جي ٻارڙيءَ کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار نصير کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ، جوابدار کي سخت سڪيورٽي ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو ويو ، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نينگري کي ڦاهو ڏئي قتل ڪري ڪيو. جوابدار نينگري جو لاش ٻوري ۾ وجهي گهٽي ۾ اڇلائي ڇڏيو، پوسٽ مارٽم کانپوءِ تصديق ٿي ته نينگريءَ سان زيادتي ڪئي وئي، جوابدار رڪشا ڊرائيور آهي، جنهن کي سي سي ٽي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار خلاف گلبرڪ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.