هُو وڻ ۾ ڪير ٽنگيل آهي؟
علي احمد جوکيو؟!!
نه
پوءِ؟
اهو نظريو ٽنگيل آهي.
اها آس، اُميد ۽ جذبو ٽنگيل آهي.
اها پارٽي ٽنگيل آهي،
“جنهن جو نظريو ئي بي وسي ۽ نااميدي کي موت ڏيڻ هو”.
هي اهو احساس ٽنگيل آهي
”جنهن کي اندر جي اُڌمن اڌ مُئو ڪري ڇڏيو هو“.
هي راهوڪي ٽنگيل آهي”.
۽ اُن جو اهو اسٽيج ٽنگيل آهي،
“جنهن تي هر سال چهرا مختلف هُوندا آهن”.
هي اهو آسمان ٽنگيل آهي.
جنهن تي “جيسين چنڊ ستارا رهندا فاضل تُنهنجا نعرا رهندا” وارو نعرو لکيل هو.
هي لاڙ ٽنگيل آهي،
“جنهن جي سارين ۾ اُها خُوشبُوءَ ناهي رهي”.
هيءَ درياهه جو پاڇاڙ ٽنگيل آهي،
“جنهن کي کارو ڇاڻ کائڻ اچي ٿو”.
هي هر اهو محروم طبقو ٽنگيل آهي،
“جِن کي هتان کان اتساهه مليو هو”.
پر ڇو؟
ڇو جو انهن کي پنهنجن ئي وارثن عوامي مفادن جو نالو ڏيئي پنهنجي مفاد لاءِ وقت کان اڳ گهُٽي ماري جو ڇڏيو هو.
پر هتي اسٽيج سامهُون پاڻ کي ڇو ٽنگيائين؟!
ڇو جو جڏهن اسٽيج سجندو ته
”اسٽيج تي ويٺلن جُون اکيُون ان وڻ ۾ هونديُون ۽ اهو سڀ ڪجهه هُنن جي آڏو هوندو“
ڀلا پوءِ اهو وڻ هاڻ رهندو؟
نه!
”اسٽيج کي توسيع ڏيڻ جي آڙ ۾ ان کي ختم ڪيو ويندو“
اڇا!
جي.
بس پوءِ خير آهي،
اچ ته جنازي ۾ هلُون ۽ ڪنهن ٻئي علي احمد جي ٽنگجڻ جو انتظار ڪريُون.