سعودي وفد اسلام آباد پهچي ويو،2 ارب ڊالرن جا معاهدا ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) سعودي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهچي ويو آهي،  وزيراعظم شهباز شريف سعودي وفد جي اعزاز ۾ اڄ هڪ خانگي هوٽل ۾ ڊنر ڪندو. سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي واپاري وفد جهاز ذريعي نور خان ايئربيس پهتو، جتي واپار واري وزير ڄام ڪمال، مصدق ملڪ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وفد جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي به موجود هو،  وفد ۾ 130 ميمبر شامل آهن، امڪان آهي ته سعودي وفد پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا معاهدا ڪيا ويندا. وزيراعظم اڄ سعودي وفد جي اعزاز ۾ ڊنر به ڏيندو، جنهن ۾ وفاقي وزير به شرڪت ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.