ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايم ڊي ڪيٽ جي نتيجن ۾ بي ضابطگين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪندي ٽيسٽ نتيجن کي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ٽيسٽ جي سڄي مرحلي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ڪراچي ۽ سي ايم سنڌ جي چيف انسپيڪشن ٽيم جي چيئر پرسن شيرين ناريجو شامل آهن، ڪميٽي جاچ ڪري 15 ڏينهن ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي، ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪٽري هيلٿ، سيڪريٽري تعليم، ڊائو ۽ آغا خان اسپتال جو چيئرمين ۽ سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن جا وائيس چانسلر عدالت ۾ پيش ٿيا.جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ ڪيترا ٻار آهن جن جو مارڪون 190کان وڌيڪ آهن سمورو رڪارڊ ڏنو وڃي، سنڌ جي ٻارن جي نتيجن کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سان ڀيٽڻ چاهيون ٿا. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي شاگردن جي انگن اکرن جا تفصيل آيا ته سنڌ سان ملايا ويندا. جسٽس امجد علي سهتو چيو ته جيڪڏهن ڪنهن سينٽر جو پيپر ليڪ ٿئي ٿو ته ان ڊويزن جا پيپر ڪينسل ڪيا وڃن، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته پنجاب ۾ 58 هزار، ڪي پي ڪي ۾ 42 هزار ۽ سنڌ ۾ 38 هزار شاگردن امتحان ڏنو آهي، وائيس چانسلرن چيو ته صحت کاتي هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي جنهن کي لڳايل الزامن جا ڪي به ثبوت ناهن مليا. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ان جو مطلب ميڊيا انهن شين کي غلط بيان ڪري بليڪ ميل ڪري رهي آهي، باقي انتظاميا کير جي ڌوتل آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته پيپر ليڪ ٿيو آهي يا نه اهو ٻڌايو. جسٽس امجد سهتو چيو اوهان جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته40 سيڪڙو پيپر ليڪ ٿيو آهي. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چيو ته منهنجو موقف اهو آهي ته يونيورسٽين کي پيپر وٺڻ جو اختيار ڏنو وڃي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اوهان جو مطلب اوهان جو ئي گهر اوهان کي ٺاهڻ ڏيون پنهنجو گهر سمجهي بهتر ٺاهيندئو. صحت واري سيڪريٽري ريحان بلوچ چيو ته نصاب کي تبديل ڪرڻ صحت کاتي جو ڪم ناهي، صحت واري سيڪريٽري چيو ٿه مون کي رات جو 12 وڳي فون مسيج ذريعي پيپر ليڪ ٿيڻ جي خبر پئي مان ڪنسلٽ ادارن کان پڇاڻو ڪيو انهن چيو اهو سڀ فيڪ آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جڏهن اوهان کي شڪايت پهتي ته اوهان ڪهڙو ايڪشن کنيو، جسٽس صلاح الدين پنهور وڌيڪ چيو ته ڪنهن به اداري ليڪ ٿيل پيپر کي رد ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي. جيڪڏهن اسان وٽ ڪيس آيو آهي ته انصاف ته ڪرڻو پوندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻه هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.