اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي طرفان آئيني ترميم جي ڪا به ڊيڊ لائن ناهي، حڪومت لاءِ ڊيڊ لائن ٿي سگهي ٿي، حڪومت جلدي گهٻرائي ويندي آهي، سياست ۾ جيڪو ڊڄي ويو اهو مري ويو، حڪومت وٽ ضمير جو ووٽ وٺڻ جو آپشن موجود آهي، جي يو آءِ جو ڊرافٽ ايندو ته گڏ ويهي ڏسنداسين.اسلام آباد ۾ بيٽ رپورٽرن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تجويز ڪيل آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ٽائيم لائين جو ڪو مسئلو ناهي، اميد آهي ته آئيني ترميم 25 آڪٽوبر تائين منظور ٿي ويندي، اسان جي طرف کان آئيني ترميم جي ڪا به ڊيڊ لائن ناهي، پر حڪومت لاءِ ڪا ڊيڊ لائن ٿي سگهي ٿي، ڪوشش هئي ته مولانا فضل الرحمان سميت سمورين سياسي پارٽين کي گڏ وٺي هلون.بلاول ڀٽو چيو ته 63 اي جي فيصلي کانپوءِ حڪومت کي انگن جي ڪا به پرواهه ناهي، اسين حڪومت کي ڪهڙي بهاني چئون ته اڃا انتظار ڪيو وڃي، حڪومت چوندي ته مولانا گڏ هجي يا نه، 63 اي جي فيصلي کانپوءِ اسين نمبر مڪمل ڪري سگهون ٿا، حڪومت اهو به چئي سگهي ٿي ته اسان اهو ڪم ايس سي او کان اڳ اڪلائي سگهون ٿا، جڏهن انگ مڪمل ٿي وڃن ته حڪومت مون يا ڪنهن ٻئي جو انتظار ڇو ڪندي؟ هن چيو ته حڪومت وٽ ضمير جي زور تي ووٽ وٺڻ جو اختيار آهي، ان باوجود اتفاق راءِ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پيپلز پارٽي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي.جي يو آءِ جي ڊرافٽ جي حوالي سان هن چيو ته جيڪڏهن جي يو آءِ جو ڊرافٽ آيو ته پوءِ ويهي ڏسندا، بحث کانپوءِ جيڪا شي سامهون هوندي اها ترميم ۾ شامل ڪئي ويندي، جيڪڏهن ايوان صدر ۾ 5 وڏا ويٺا هئا ته ضرور سنجيده بحث ٿيو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته موڪل واري ڏينهن عدالتي حڪم جاري ڪرڻ واري معاملي جي چيف جسٽس کي به خبر نه هئي، اسين سڌارار چاهيون ٿا، صوبن جا برابري جا حق چاهيون ٿا، آئيني عدالت ۽ آئيني سڌارن تي مولانا فضل الرحمان مڃي ويو هو، پر حڪومت آرٽيڪل 8 ۽ 51 ۾ ترميم آڻڻ چاهي پئي، جنهن کان پ پ ۽ جي يو آءِ انڪار ۽ رد ڪيو، مولانا سان مشاورت جاري آهي، بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس پارٽي هن معاملي تي غير سنجيدگي ڏيکاري، عمران خان اڄ به اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن عمران خان اپريل 2022ع ۾ سياسي فيصلا ڪري ها ته اڄ ٻيهر وزيراعظم هجي ها، هاڻي سندس مستقبل اونداهو آهي، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو معاملو پارليامينٽ ۾ طئه ٿيل آهي، چيف جسٽس ڪير ٿو ٿئي؟ ان سان ڪو فرق نه ٿو پئي، پر ڪنهن به چيف جسٽس جو طرز عمل افتخار چوڌري جهڙو نه هجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته صوبن ۾ به آئيني عدالتون هجڻ گهرجن، اعليٰ عدالتن ۾ مقرريون به عدليه، پارليامينٽ ۽ وڪيلن جي متناسب نمائندگي سان ٿيڻ گهرجن.
2