اسلام آباد(انصار عباسي) صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف تي ٻڌل ”ٽرائيڪا“ فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ هرصورت ۾ معاشي بحالي يقيني بڻائڻ آهي،وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ پي ڊي ايم جي پهرين حڪومت ۾ ئي سٺي انڊراسٽينڊنگ قائم ٿي چڪي آهي، هاڻي صدر آصف علي زرداري به انهن سان هڪ پيج تي اچي ويو آهي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ صدر زرداري جو ڪردار تمام اهم ٿي ويو آهي،پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اختلاف ٿي ويندا آهن ته انهن معاملن ۾ صدر زرداري جو ڪردار تمام ڪارائتو آهي ۽ ملڪ کي آڏو رکي اهي اختلاف ختم ڪرائي ڇڏيندو آهي،جڏهن ته آئيني ترميم لاءِ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ پرعزم آهن ته اهي جلد کان جلد ٿيڻ گهرجن، ايس سي او ڪانفرنس کانپوءِ آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، بلاول ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاهه ٻنهي جي گهڻي عزت ڪري ٿو، گذريل ڏينهن هن هڪ انٽرويو ۾ خدشو ظاهر ڪيو ته مون کي پڪ ناهي ته جسٽس منصور علي شاهه ڪجهه سياسي ججن کي ڪنٽرول ڪري سگهندو، بلاول جو اهو بيان سنجيده آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جا جج سياسي بڻجي ويا آهن،آئين جو حلف کڻندڙ جج پنهنجي ڪجهه فيصلن ۾ آئين کي پٺي ڏئي ڇڏين ٿا، هن وقت اسٽيبلشمينٽ جو ججن تي اثر ختم ٿي ويو آهي، ماضي ۾ ججن ۽ جنرلن جو ڳٺ جوڙ رهيو آهي، هاڻي اها شئي نظر نه پئي اچي، اصل سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ سيڪيورٽي ايجنسين جو ججن تي اثر ختم ٿي ويو آهي ته ڇا عدليه آزاد ٿي وئي آهي؟ بدقسمتي سان اها شئي نظر نه پئي اچي، ڪو جج هڪ پارٽي ڏانهن لاڙو رکي ٿو ٻيو جج ٻي پارٽي ڏانهن جهڪاءُ رکي ٿو، جج آزاد تڏهن ٿيندا جڏهن اهي ڪنهن پارٽي خلاف پنهنجو ذاتي بغض ختم نٿا ڪن ٻئي پاسي آءِ ايس آءِ ترديد ڪئي آهي.ته اسلام آباد ۾ احتجاج دوران علي امين گنڊاپور وٽن ترسيل نه هو، بلڪه هو ڪي پي هائوس ۾ ئي ڪٿي لڪيل هو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آوز، خميس 10 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو