ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي منگھوپير ۾ مدرسي جي زير زمين پاڻي جي ٽانڪي مان 2 ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻار جو ٻڏي ويل پراڻو لاش هٿ آيو آهي. منگھوپير جي علائقي سلطان آباد پختون چوڪ وٽ مدرسي جي ٽانڪي مليل لاش جي سڃاڻپ 5 ورهين جي بلال ولد شير خان طور ٿي آهي، جيڪو ٻن ڏينهن کان گم هو ۽ مدرسي ۾ پڙهندو هو.
-
سمي دين بلوچ جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ خلاف جواب طلب
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ وائيس آف بلوچ مسنگ پرسن جي جنرل سيڪريٽري سمي دين بلوچ جو نالو اي يل سي ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. جواب ۾ چيو ويو آهي ته 28 آگسٽ تي بلوچستان جي گهروکاتي پاران خط ملڻ بعد نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. عدالت جي بلوچستان جي گهرو کاتي کي ڌر ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي بلوچستان جي گهرو کاتي کا جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
ڪنڌڪوٽ ۾ سيشن جج جا اسڪولن ۽ ڊي اي او آفيس جا دورا
ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاهد حسين ميتلو اسڪولن ۽ ڊي اي او جي آفيس جا اوچتا دورا ڪيا، ان دوران ڊي اي او ارشاد بکراڻي عملي سميت غائب هو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج زاهد حسين ميتلو گورنمينٽ ڀٽائي هاءِ اسڪول ۽ گرلس هاءِ اسڪول جا دورا ڪري استادن ۽ عملي کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي جي ساراهه ڪئي.