وفاقي حڪومت پاران جولاءِ 2025 کان زرعي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) حڪومت زرعي آمدني تي جولاءِ 2025ع کان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته زرعي شعبي تي ٽيڪس قانون جنوري 2025ع ۾ پاس ڪيو ويندو ۽ وفاق جو صوبن سان نيشنل فنانس پيڪٽ تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاور منصوبن جي قرضن جي ري پروفائيلنگ جو عمل مثبت طور تي هلي رهيو آهي  ۽ اميد آهي ته سي پيڪ پاور منصوبن جي ري پروفائلنگ معاهدو جلد مڪمل ٿي ويندو.هن چيو ته هو اسٽيٽ بئنڪ جي مڪمل آزاديءَ جو حامي آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ زرعي آمدني تي ڪو به ٽيڪس ناهي، جيڪڏهن اهو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو ته اهو پاڪستان جي قيام کانپوءِ پهريون ڀيرو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.