غزا/بيروت(م ڊ) حزب الله جي راڪيٽ حملن بابت تازين اطلاعن موجب اسرائيل جي اهم شهرن حيفا ۽ ڪريوت علائقي تي حملا ڪيا ويا آهن، حزب الله طرفان هن تازي راڪيٽ حملي ۾ ست اسرائيلي زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيل جي ايمرجنسي سروسز ميگن ڊيوڊ ايڊوم (ايم ڊي اي) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حزب الله جي حملي کانپوءِ 12 ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال منتقل ٿيل ماڻهن ۾ هڪ 71 سالن جي عورت پڻ شامل آهي. حزب الله طرفان حملي کانپوءِ اسرائيلي ميڊيا تي رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن ته ان حملي ۾ هڪ اسڪول کي نقصان پهتو آهي. غزه ۾ حماس جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته غزه جي پٽي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 56 ماڻهو مارجي ويا آهن، جنهن سان جنگ جي شروعات کان وٺي فوتين جو انگ 41 هزار 965 ٿي ويو آهي. هوڏانهن اسرائيلي صدر بنيامين نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته اسرائيل حسن نصرالله جي جان نشين هاشم صفي الدين کي مارڻ جي دعوي ڪئي آهي. لبناني عوام کي خطاب ۾ نيتن ياهو چيو ته سندس لبنان سان جهيڙو ناهي، ايران سان جهيڙو آهي. حزب الله جي هر امڪاني سربراهه کي نشانو بڻائينداسين.