بينظير هاري ڪارڊ لاءِ 8 ارب رپيا مختص

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت   ربيع جي موسم شروع ٿيڻ ڪري  بينظير هاري ڪارڊ ذريعي زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بجيٽ  ۾ 8 ارب رپيا رکيا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزير اعلي هائوس ۾  زراعت ۽ آبپاشي کاتي جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي چيوته هن بينظير هاري ڪارڊ ذريعي زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بجيٽ ۾ 8 ارب رپيا رکيا آهن. ربيع جي موسم شروع ٿيڻ واري آهي تنهنڪري هارين کي مراعتون ڏيڻ سان اهي ربيع جي ٻين فصلن کان علاوه ڪڻڪ جو سٺو فصل پوکي سگهندا. اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته زرعي شعبي کي بحال ڪيو وڃي ۽ نوان فصل متعارف ڪرايون وڃن ته جيئن درآمد ٿيل زرعي شين تي دارومدار گهٽجي. وڏي وزير فيصلو ڪيو ته زراعت کاتو ايڪسپورٽ فصل پوکڻ لاءِ هارين جي رهنمائي ڪندو. زراعت کاتي جا ورڪشاپ فعال ڪيا ويندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.