شڪارپور تحريڪ پاران ايس ايس پي جي خاطري کان پوءِ احتجاج ملتوي

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي ) شڪارپور بچايو تحريڪ پاران شڪارپور ۾ بدامني خلاف 3 ڏينهن جي احتجاجي  ڪيمپ جي  اعلان کان پوءِ ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ تحريڪ جي اڳواڻن سان فون تي ملاقات لاءِ رابطو ڪيو. ايس ايس پي جي رابطي کانپوء  شڪارپور بچايو تحريڪ جي  اڳواڻن چيئرمين الاھي بخش شيخ ، علي احمد ٻرڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب ڪاغذي، فضل الله نوراني، عبدالغفور دايو، قاري مجيب الرحمان مدني ، علي اصغر پھوڙ ، علامہ مسعود احمد قادري ، ڪامريڊ احسان جيھو ، مولانا عبدالفتاح مھر ، علامه مشتاق احمد سھندڙو آفيس پھچي  ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران شڪارپور جي صورتحال، خاص ڪري ٻارڙن جي اغوائن، ڏوهن جي واڌ، ۽ قانون جي عملداري ۾ ناڪامين تي تفصيل سان ڳالهيون ٿيون. هن ملاقات ۾ ڌاڙا، ڦرون، چوريون، منشيات جو ڪاروبار، جوا ۽ غنڊا گردي جهڙن سنگين مسئلن خلاف ڪاروائي لاء به زور ڏنو ويو. بدامني خلاف اعلانيل احتجاجي ڪيمپ ايس ايس پي شڪارپور پاران مطالبن جي مڃتا لاء ورتل مھلت تائين ملتوي ڪئي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جلد قدم نه کڻندا، ته ڏوهارين جي بي خوف وارداتن سبب شهر جو امن بگڙجي ويندو.ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ پاران وڌيڪ  شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن کي يقين ڏياريو آهي ته سندن شڪايتن کي ترجيح سان ڏٺو ويندو ۽ اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.