ڪنڌڪوٽ ۾ ويگن تي فائرنگ، عورت سميت 2 مسافر زخمي

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ويگن تي ڏوهارين جي فائرنگ ۾ عورت سميت 2 مسافر زخمي ٿي پيا، جن ۾ گل بهار  دشتي ۽ مائي سماڻي کوسو شامل آهن، جن کي پوليس ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو، جتان زخمي عورت جي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگهي، جڏهن ته روڊ رستن تي سفر ڪندڙ مسافر خوف ۾ مبتلا ٿيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.