ھڱورجا(ن ع آ)سنڌيونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آھي ته پ پ ۽ ان جي ساٿاري ادارن گڏجي سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين برباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ڇڏيو آھي ان منصوبي سان سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو متاثر ٿيندا ،8 جولاءِ تي ايوان صدر ۾ ميٽنگ ڪري سنڌو مٿان 6 ڪينال جوڙڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان ۾ 3 نوان ڪينال ۽ 3 وري ايڪسٽينشن تي آھن ان سان 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو پلان جوڙيو آھي ان منصوبي کي اسان مڪمل رد ڪريون ٿا، ھنڱورجا ۾ پ پ پ اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري ۽ سينيٽر سيد ڪاظم علي شاھ سان تعزيت ڪرڻ ڪرڻ بعد ميڊيا ڳالھائيندي ھن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب آھي امن خراب ڪرڻ ۾ اتان جي ڀوتارن وڏو ھٿ آھي هن چيو ته ڊاڪٽرشاھنواز جھڙو واقعو اسلام آباد ۾ ٿيو ھيو سلمان تاثير قتل ٿيو جنھن جي قاتل کي ڦاسي جي سزا ڏني وئي ھاڻي ڏسون ٿا ته سنڌ ۾ اھا سزا اچي ٿي يا نه ،ان موقعي امير علي ٿيٻو، بشير احمد لنڊ موجود هئا.