اسلام آباد(فخر دراني+عمر چيما+انصار عباسي)هلندڙ هفتي جي پڄاڻي تي حڪومت آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ڪوشش ڪري سگهي ٿي،مولانا فضل الرحمان پاران آئيني ترميم لاءِ 13 نڪاتي ڊرافٽ تيار ٿي ويو،اڄ يا سڀاڻي ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويندو،گذريل ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿيل اي پي سي ۾ صدر آصف علي زرداري، نوازشريف، وزيراعظم شهبازشريف،بلاول ڀٽو، اسحاق ڊار ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ آئيني ترميم جي منظوري لاءِ ڳالهيون ٿيون، ذريعن موجب فضل الرحمان راضي ٿي ويو پر ان کان اڳ حڪومت سندس تجويز ڪيل ترميمون آئيني ترميم واري ڊرافٽ ۾ شامل ڪندي،جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته بنيادي انساني حقن بابت ترميمن کي اسان بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، فوجي عدالتن بابت آرٽيڪل 8 ۽ 9 ۾ ترميمون ڪڍيون ويون آهن، هن چيو ته اسان پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين کي ان ڊرافٽ تي اعتماد ۾ وٺنداسين، حڪومت پنهنجو ڊرافٽ اسان سان شيئر ناهي ڪيو، ذريعن موجب حڪومتي اتحادي پارليامينٽ ميمبرن کي چيو ويو آهي ته اهي اسلام آباد مان ٻاهر نه وڃن،سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر ايوانن جا اجلاس گهرائڻ لاءِ صدر کي خط لکي سگهن ٿا،نوازشريف به ڪالهه ميڊيا سان ڳالهين ۾ اهو اشارو ڏنو ته آئيني ترميمون جلد کان جلد منظور ٿيڻ گهرجن،جڏهن ته حڪومت ترميمن جي منظوري لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي،هڪ حڪومتي عهديدار اعتماد سان ٻڌايو آهي ته ترميم لاءِ ضروري انگ کان وڌيڪ ميمبر دستياب هوندا، آئيني ترميمون ضروري آهن، حڪومتي ذريعن پاران اهو چيو پيو وڃي ته آئيني ترميم ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي، هڪ ٻئي حڪومتي پارليامينٽ ميمبر چيو ته جڏهن ”رياست“ ڪو فيصلو ڪندي آهي ته اهو ڪم ٿي ويندو آهي.