آئيني عدالت جي سربراهه جو مدو3 سال ۽ عمر 68 سال ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل (پي بي سي) تجويز ڪيل آئيني ترميم بابت وفاقي حڪومت کي لکت ۾ تجويزون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن،  جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 63 اي ۾ لکيو وڃي ته ووٽ به ڳڻيا ويندا. پاڪستان بار ڪائونسل پارٽي جي هدايتن خلاف ووٽ ڏيندڙ ميمبر کي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي ججن کي جڊيشل ڪميشن جو ميمبر بڻائڻ جي به تجويز ڏني وئي.تجويز ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس بابت هاءِ ڪورٽ جو سينيئر جج، صوبائي قانون وارو وزير ۽ صوبائي بار جو نمائندو به شامل ڪيو وڃي. هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري جي صورت ۾ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج کي ميمبر طور شامل نه ڪيو وڃي.تجويز ڪيل آئيني ترميم ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري لاءِ 3 سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽس لاءِ ٽن ٽن سينيئر ججن جي نالن تي به غور ڪيو پيو وڃي.وفاقي آئيني عدالت جي قيام بابت صدارتي آرڊر ذريعي ترميمي شق کي ختم ڪيو وڃي. وفاقي آئيني عدالت جي سربراهه جي مقرري 3 سالن لاءِ  ڪئي وڃي ۽ رٽائرمينٽ جي عمر 68 سال ڪئي وڃي.آئيني عدالت کي آرٽيڪل 199 تحت هڪ ڪيس هاءِ ڪورٽ کان ٻي هاءِ ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي ۽ آرٽيڪل 215 سان لاڳاپيل تجويز ڪيل ترميم کي مسودي مان خارج ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.