اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي هڪ ٻيو خط لکيو آهي، جنهن ۾ مخصوص سيٽن تي جلد فيصلو ڪرڻ جو چيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارلياماني اڳواڻن جي درخواست تي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن کي ٻيو خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن تي جلد فيصلو ڪري. ان کان اڳ پارلياماني اڳواڻن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي خط لکيو، خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ترميمي بل جي حوالي سان عورتن ۽ غير مسلم اسيمبلي ميمبرن جي سيٽن بابت فيصلو نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. پارلياماني اڳواڻن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته مخصوص سيٽن بابت جلد فيصلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو وڃي. پارلياماني اڳواڻن جي درخواست تي اياز صادق اليڪشن ڪميشن کي ٻيو خط لکي ڇڏيو. خط ۾ ياد ڏياريو ويو ته آئيني ترميمي بل 2024 منظور ٿي چڪو آهي، هاڻي اليڪشن ڪميشن عورتن ۽ غير مسلم ميمبرن جي سيٽن بابت جلد کان جلد فيصلو ڪري.