حيدرآباد ( پ ر) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار جي قتل ۽ سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ وڌنڌڙ انتها پسندي واري مسئلي تي 12 آڪٽوبر ڏينهن جو 3 وڳي قوم پرستن ۽ سُڄاڻ ڌريڻ جي قومي ويهڪ حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جي رهائشگاهه سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي رکي وئي آھي جسم سربراه رياض علي چانڊيو ويهڪ ۾ شرڪت لاءَ ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد زين شاھ صنعان قريشي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زنئور اسلم خيرپوري مشتاق ميراڻي بدر چنا ظفر جوڻيجو اسماعيل وساڻ پرو فيسر بدر سومرو ۽ جامي چانڊيو کي دعوتون ڏنيون ويون .
-
سنڌ حڪومت پاران ڀاڻ جي سڌي خريداري لاءِ ايپ متعارف
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ صوبو سڀني کان اڳتي هڪ ٻيو قدم سامهون اچي ويو. سنڌ جي هارين لاءِ ڀاڻ جي سڌي خريداري UgAi ايپ متعارف ڪرائي وئي. زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر ۽ اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني جي نئين تيار ڪيل ايپ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جڏهن ته تقريب ۾ زراعت کاتي جو سيڪريٽري رفيق احمد ٻرڙو، هاري برادري جا سينيئر ميمبر ۽ اينگرو فرٽيلائزرز جا ميمبر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته ايپ جي ذريعي اينگرو فرٽيلائيزرز پنهنجي گودامن مان انهن جي ايراضي ۽ ڀاڻ فراهم ڪندي، جنهن سان هارين کي ڀاڻن جي اڻ برابري جي دستيابي، معياري قابل اعتماد مصنوعات ۽ آسانيءَ سان پهچائڻ ۾ فائدو ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته ايپ مصنوعي قلت، ويليوچين ۾ قيمت ۾ ڦيرڦار ۽ هارين کي نقصان پهچائن وارين جعلي شين جي چئلينجز تي قابو پائڻ جي ڪوششن ۾ مدد ملندي.