حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن محبوب مغيري، قربان لاشاري، غلام عباس دستي، افضل جمالي، حميد ڀٽو مظفر کوسو، اشفاق اشرف پليجو، زبير پليجو ياسر لغاري،راج ڪمار ۽ رواداري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سنڌو نواز گانگھرو،عاليه بخشل ٿلھو،پنھل ساريو جي اڳواڻي ۾ آيل وفدن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري شاگرد جدوجھد ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ رواداري ايڪشن ڪميٽي پاران 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ احتجاجي ريلي جي دعوت ڏني. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي،شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي، تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي،هن چيو ته سنڌ بلوچستان ۽ ڪشمير کان به تعليم ۾ پٺتي پيل آھي پ پ چاھي ٿي ته ماڻھو سوال نه ڪن. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انتھاپسندي کي ھٿي ڏيڻ ۾ سھولتڪار بڻيل آهي،سنڌ جا ماڻھو امن پسند آھن.