حيدرآباد (رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون وفاق حوالي ڪرڻ، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ، سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ ظلم خلاف 17 نومبر تي ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ”سنڌ جي پاڻي، زمينن، وسيلن تي قبضن، عورتن سان ظلم ۽ انتهاپسندي خلاف مارچ“ جي عنوان سان ريلي ڪڍي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون مرڪزي اڳواڻ ماروي سنڌو، حسنه راهوجو، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري ۽ صفيا سرمد راڄپر حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. عمره سمون چيو ته نالي ماتر ون يونٽ ختم ٿيڻ باوجود گذريل اڌ صدي کان سنڌ مٿان قومن جي وجود تي وار ڪندڙ، روزگار، زمينون، پاڻي، درياهه، وسيلا، ماڳ کائيندڙ ون يونٽ اڄ به موجود آھي. هن چيو ته گذريل 16 سالن کان مسلسل سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، پيپلزپارٽي ان عرصي دوران سنڌ کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. فاطما ڦرڙو، پريا ڪماري، تانيا خاصخيلي، نازيا چنه، فضيلا سرڪي، نائلا رند، نوشين ڪاظمي، نمرتا چنداڻي، جيڪب آباد جي پوليو ورڪر جي واقعن گهڻي تڪليف پهچائي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ٻين ملڪن جي ڪمپنين جي حوالي ڪيون پيون وڃن. ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ۽ غير آئيني زور زبردستي ترميم ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو وڃي. ڊاڪٽر شاهنواز جهڙن ماڻهن جا عدالتن کان مٿانهان قتل ڪرائي سنڌ کي انارڪي ۽ گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي کي سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ ان کي ميسارڻ جي سازش سمجهون ٿا.