سنڌ سرڪار پاران خانگي وڪيلن جي خدمتن جي مد ۾ 4 ڪروڙ رپيا ادائيگين جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت خانگي وڪيلن جي خدمتن جي مد ۾ 4 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ ادا ڪيا. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته قانون، پارلياماني معاملن ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي جي مالي سال 23-2022ع جي آڊٽ دوران ادائگيون ڪيون ويون آهن. خانگي وڪيلن کي سندن خدمتن جي مد ۾ 44.7 ملين (4 ڪروڙ 47 لک) رپيا ادا ڪيا ويا آهن. آڊٽ رپورٽ موجب پراسيڪيوٽر جنرل آفيس جي ماتحت نجي وڪيلن کي مالي سال 22-2021 ۽ 23-2022 دوران سندن خدمتن جي مد ۾ 36.8 ملين (3 ڪروڙ 68 لک)  رپيا ادا ڪيا ويا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل آفيس تحت مالي سال 23-2022 دوران 7.8 ملين (78 لک) رپيا جاري ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو  آهي ته سپريم ڪورٽ 2017ع ۾ خانگي وڪيلن جون خدمتون وٺڻ کان روڪيو هو ۽ ڪانٽريڪٽ تي ملازم يا ليگل پراسيڪيوتر سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. اهڙين مقررين جو رڪارڊ به موجود ناهي. پراسيڪيوٽر جنرل آفيس موجب ڪانٽريڪٽ تي قانوني پراسيڪيوٽر جي مقرري گهرو کاتي پاران ڪئي وئي جڏهن ته 2016 ۾ رينجرز اسپيشل پراسيڪيوٽر جي بجيٽ جي منتقلي جي منظوري سنڌ جي وڏي وزير ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.