پي ٽي آءِ ۽ اي اين پي پاران پشتون تحفظ موومينٽ تي پابندي جي مخالفت

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) تي پابندي جي  مخالفت ڪري ڇڏي، اي اين پي سربراهه ايمل ولي خان پختون قومي جرڳي ۾ شرڪت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جتي پختونن جي حقن ۽ وسيلن جو تعلق هوندو ته اي اين پي ان سان گڏ بيهندي، هن چيو ته پي ٽي ايم تي پابندي لڳائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو پر معاملو وڌيڪ پيچيده ٿيندو، اي اين پي جو وفد ميان افتخار جي اڳواڻي ۾ پختون قومي جرڳي ۾ شرڪت ڪندو، ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته پشتون تحفظ مومينٽ تي پابندي لڳائڻ جي مذمت ڪريون ٿا، پي ٽي ايم جي جرڳيءَ جي ايجنڊا واضح ٿيڻ بعد شرڪت جو فيصلو ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.