اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) قومي جهنڊو ساڙيو، پرڏيهه ۾ پاڪستاني سفارتخانن تي حملا ڪيا ويا، جنهن سبب پابندي مڙهي وئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپن جي بنياد تي پي ڊي ايم تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ هر قسم جي آزادي آهي، تنقيد ڪريو، مخالفت ڪرڻ تي ڪا به پابندي ناهي، پر جيڪڏهن توهان پاڪستان جو جهنڊو ساڙڻ جي ڳالهه ڪندا، سفارتخانن تي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، يا دهشتگرد تنظيمن ۽ ٻين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ رهندا. ٻيون به ڪجهه پارٽيون پي ٽي ايم جي حمايت ۾ اچي ويا آهن.هن چيو ته پيغام رڳو اهو آهي ته جڏهن ڪنهن به تنظيم کي غير قانوني قرار ڏنو ويندو آهي ته ان کي ثبوتن جي بنياد تي قرار ڏنو ويندو آهي.