طالبان پاران پشتون جرڳي جي حمايت سبب پي ٽي ايم تي ڏمر ڪريو

اسلام آباد (حماد حسن) آئيني ترميمن جي حوالي سان 70 سيڪڙو مفاهمت ٿي چڪي آهي ۽ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، آئيني ترميم هر صورت ٿيڻي آهي. آصف علي زرداري، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ ڪجهه شقن تي به ڳالهايو ويو. شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري گهڻو ڪري خاموش رهيا. طالبان طرفان پي ٽي ايم جي حمايت کانپوءِ پي ٽي ايم تي پابندي لڳائي وئي آهي. آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان کان پي ٽي ايم بابت سوال ڪيو ۽ ڪجهه انٽيليجنس رپورٽن تي به ذڪر ٿيو. پي ٽي ايم جو جرڳو ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ جمعيت علماءِ اسلام نه ويندي. جيڪڏهن مولانا صاحب کي انٽيلجنس رپورٽ جي ڄاڻ آهي ته تنهن جي معنيٰ آهي ته هو ڪجهه ماڻهن سان رابطي ۾ آهي. مولانا فضل الرحمان پي ٽي ايم کان به فاصلو وڌائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب جنرل فيض حميد ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف جيل ڪجهه انڪشاف ڪري ڇڏيا آهن. ان جي حوالي سان جاچ اڳتي وڌائي پئي وڃي. جڏهن عمران خان سان ملاقاتون ٿي رهيون ته عمران خان ان دوران هدايتون ڏئي رهيو هو جيڪي جاچ تي اثرانداز ٿي رهيون هيون جنهن جي ڪري پابندي لڳائي وئي آهي. ذريعن موجب پردي پٺيان ڪو منصوبو ٺهي رهيو هو، جيڪو پي ٽي آءِ جو اسلام آباد ۾ احتجاج ٿيو، رپورٽ جي روشني ۾ انهن معاملن، پي ٽي ايم جي جرڳي کي هڪ ئي نظر سان ڏٺو ويو. منظور پشتين جي علي امين گنڊاپور سان ملاقات ٿي هئي ته علي امين گنڊاپور کيس احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. ذريعن موجب پي ٽي ايم جا ماڻهو لانگ مارچ ۾ موجود هئا. پي ٽي ايم ۽ پي ٽي آءِ ۾ ويجهڙائي ۽ طالبان جي حمايت سان ڪجهه اشارا ملن ٿا، ڏسڻو پوندو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿئي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 09 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.