قاضي فائز واڌ ۽ آئيني عدالت جو عهدو سنڀالڻ نٿو چاهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد ( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واڌ ۽ آئيني عدالت جو عهدو سنڀالڻ نٿو چاهي، هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي مدي ۾ واڌ يا ٻيو ڪو عهدو وٺڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي، آئيني ترميمن جو مقصد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي آڻڻ يا ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه جو رستو روڪڻ جي ڪوشش نه  آهي، آئيني ترميمن تي جيڪڏهن مشاورت جلد ڪئي وئي ته پارليامينٽ جو اجلاس 25 آڪٽوبر کان اڳ به ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.