اسلام آباد (معظم فخر) جيڪي وڪيل اڄ آئيني ترميم جي مخالفت ڪري رهيا آهن، ان کان اڳ وڪيلن ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو اڳواڻ حامد خان به آئيني عدالت جي حمايت ڪئي هئي. امڪاني طور تي قومي ۽ سينيٽ جا اجلاس گهرائڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيندا ۽ سومر تي جسٽس منصور علي شاهه جي چيف جسٽس طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. آئيني ترميمون مرحلي وار ٿينديون. پهريان اهو ڏٺو ويندو ته آئيني ترميمن تي عدالت جو فيصلو ڪهڙو آهي. حامد خان ان ڳالهه جو باضابطا اعلان ڪيو آهي ته جنهن آئيني عدالت ٺاهي ويندي ان ئي ڏينهن وڪيل 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان احتجاج تي هوندا. حڪومت لاءِ اها ڏکيائي ٿيندي، ڇو ته جنهن استحڪام جون ڳالهيون فلسطينين بابت اي پي سي ۾ ڪيون ويون اهو استحڪام پي ٽي آءِ جي انا پرستي جي ڪري نه ايندو ته پوءِ ڪيئن ايندو؟ پاليسي سازن لاءِ اهو اهم سوال آهي.