گهوٽڪي ويجهو ڌاڙيلن جي مسافرن کان ڦرلٽ، هڪ ڄڻو قتل،3 زخمي،3 ڄڻا اغوا ،واقعي خلاف ڌرڻو

گهوٽڪي(رپورٽ :آزاد مهر/محمد يوسف منگي/ عرفان سومرو ) گهوٽڪي ويجھو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽول پلازه ڀرسان نامعلوم هٿياربندن پاران مسافر گاڏين ڦر لٽ ڪندي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڊرائيور لئيا واسي عديل پٽ محمد اسمائيل مارجي ويو, جڏهن ته ھڪ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ داد محمد شاھاڻي,علي داد  ۽ مسمات سرداران شامل آهن،جن کي اسپتال منتقل ڪرايو ويو.جڏهن ته هٿياربند مبينا ٽن ڄڻن اغوا ڪري ويا.مبينا اغو  ٿيلن ۾ صادق آباد واسي  عابد حسين، سونو خان، ۽ مريد شاخ واسي محمد امين کي ڌاڙيل مبينا طور اغوا ڪري ويا.اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي تعلقيٰ منتقل ڪرايو جتان کين نازڪ حالت ۾ رحيمار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن جلد کان جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.ياد رهي ته هي واقعو رات دير سان پيش آيو هو.هوڏانهن قادرپور شھر ۾ ايس ايس پي پاران رکيل کليل ڪچھري ۾ عوامي شڪايتن تي ايس ايس پي گھوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او رمضان ميراڻي کي معطل ۽  قادرپور چوڪي انچارج کبڙ گھوٽو  کي سسپينڊ  ڪري ڇڏيو جڏھن ته اي سيڪشن ٿاڻي گھوٽڪي تي گھنور مھر کي ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو. هوڏانهن  گهوٽڪي جي بي سيشن ٿاڻي جي حد مان گذريل رات هٿياربندن پاران ٽن ڊرائيورن کي اغوا ڪرڻ واري واقعي بعد مڇريل ڊرائيورن پاران ٽول پلازه وٽ ٽائرن کي باهھ ڏيئي نيشنل هاءِ  وي کي ٻنهين طرفن کان بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مڇريل ڊرائيورن  جو چوڻ هو ته گذريل رات دير سان هٿياربند اسان جي ٽن ماڻهون کي اغوا ڪري کڻي ويا جنهن جو هن مهل تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي ۽ نه ئي انتظاميا اسان سان ڪو رابطو ڪيو آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او بي سيڪشن مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جلد کان جلد مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.