بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي: صدر زرداري

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته  معاشي ترقي لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اڄ اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخي رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته سستي بجلي حاصل ڪرڻ طرف خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.صدر زرداري چيو ته ملڪ ۾ اهڙين صنعتن جي ضرورت آهي جيڪي عوام کي خوشحال بڻائين.اسان پنهنجي اڳوڻي دور ۾ صنعتن جي ترقي لاءِ قدم کنيا، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي لاءِ حڪومت سان گڏجي قدم کنيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.