اسلام آباد(اعزاز سيد)منظور پشتين ۽ هن جا ساٿي رياست خلاف هٿيار نه پيا کڻن پوءِ به پي ٽي ايم تي پابندي هنئي وئي آهي،آئيني حدن ۾ رهندي اهي پنهنجا حق گهري رهيا آهن،تقريرن ۽ جلسن ۾ اهي رياست خلاف ڳالهائين ٿا پر مطالبا وري به اهي رياست کان ئي ڪن ٿا،حڪومت آچر جي ڏينهن موڪل باوجود پي ٽي ايم تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ان جو مطلب ته توهان انهن ترقي پسندن کي به ڌڪو ڏئي هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪري رهيا آهيو،انٽيلينجنس ايجنسين جي رپورٽ جي بنياد تي اهڙو قدم کنيو ويو آهي جيڪڏهن پي ٽي ايم خلاف پرڏيهي فنڊنگ جا ثبوت آهن ته ان بنياد تيڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها،پابندي وارو فيصلو ظلم ۽ زيادتي آهي،رياست کي پنهنجي ان پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.