دادو ويجهو نوجوان جي خون جو جرڳو، هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو ويجهو نوجوان نويد لهٻر کي بيدردي سان قتل ڪري سندس مڙهه کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي جو نبيرو ٿيو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر مٿان هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو،  نوجوان جي والد جو چوڻ آهي ته ڪلوئي برادري جي سردار عبدالطيف ڪلوئي ڌرين جي شاهدن ۽ مشيرن جي موجودگي ۾ ڳالهيون ٻڌيون ۽ پٽ نويد لهٻر جو قاتل عقيل لهٻر ثابت ٿيو ان جي وڏي ڀاءَ رياض لهٻر فيصلي ۾ سرپنچي ۽ ڌرين جي امينن جي موجودگي ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو بعد ۾ فيصلي جي سرپئنچ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر تي 70 لک روپيه خون بها مقرر ڪئي ۽ 30 لک رپيا لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ واري عمل تي ڏنڊ وڌو ويو، اهڙي طرح جوابدار ڌر تي ٽوٽل هڪ ڪروڙ روپيه ڏنڊ پيو،  جيڪا رقم جوابدار ڌر ٻن قسطن ۾ ادا ڪندي، هڪ قسط جنوري 2025 ۾ 50 لک روپيه ۽ باقي رقم 50 لک روپيه مارچ 2025 ۾ فريادي ڌر مقتول جي والد گلشير لهٻر کي ادا ڪندي، اهڙي فيصلي بعد ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.