ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف 13هين ڏينهن به احتجاج جاري

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ ) ڪنڌ ڪوٽ ال پارٽي موومينٽ  ۽ شھري اتحاد جي سڏ تي ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت تنگواڻي،  غوثپور،  ڪشمور سميت ضلعي ۾ ڏوھارين جي مختلف گينگز پاران واپارين ، معززين شريف نصف ماڻھن کان ڀتو وٺڻ، ڀتا خوري شروع ڪري ڀتو نه ڏيندڙن کي گٿا لفظ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪرائڻ واري عمل خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي،  جماعت اسلامي، ڊسٽرڪٽ  بار،  مزدور يونين سنڌ ترقي پسند پارٽي ، جسقم، جسم، قومي عوامي تحريڪ،  ڪاروباري يونينز ـ پي ٽي آ سميت شھري اتحاد ـ ھندو پنچايت ۽ ٻين تنظيمن پاران شروع ڪيل امن جي بحالي لاء تحريڪ کي 13 ڏينهن گذري ويا  پر ڪنهن به شھرين جي داد رسي لاءِ دانھن نه ٻڌي نه ھي ڪو آپريشن شروع ٿيو آهي،  پر شھرين جو جوش جذبو برقرار 13 ڏينهن تي به گھنٽا گھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين امن خاطر ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته امن نه ھجڻ ڪري ڪنڌ ڪوٽ ضلعي جي عوام جو سڪون تباھه آهي ، ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.