ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني کاتن جي صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آھي تھ دنيا ۾ڪنهن به ننڍڙي واقعي جي فوري مذمت ڪئي ويندي آهي، پر آمريڪا سميت سمورا وڏا ملڪ فلسطين ۾ٿيل قتل عام واري اھم مسئلي تي خاموش آهن، جيستائين ڪو وڏو ۽ اجتماعي فيصلو نه ٿئي، ايسيتائين اسرائيل کي روڪي نه ٿو سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينھن غزا ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پيپلز پارٽي جي تحت منعقد ڪيل مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. سيد وقار مهدي، سيد نجمي عالم، تيمور ٽالپر ارشد نقوي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، سعيد غني وڌيڪ چيو تھ به فلسطين ۽ غزا ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ بربريت جاري آهي ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ کي انساني حقن جا چيمپئن سڏائڻ وارا ملڪ خاموش تماشائي بڻيل آهن،