ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملي جي صلاح ٽرمپ جي موقعي پرستي

اسلام آباد (نجم سيٺي) جو بائيڊن چئي رهيو آهي ته اسرائيل جي ايران جي تيل جي ٺڪاڻن تي حملن جو به متبادل ڏٺو پيو وڃي پر ڊونلڊ ٽرمپ چوي ٿو ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو وڃي. اها ئي موقعي پرستي آهي مٿان اليڪشن ٿيڻي آهي. ٽرمپ کي خبر آهي ته حڪومتکي چوڻ جي ڳالهه اها ناهي پر ان ڳالهه ۾ مشهوري ضرور آهي. هڪ پاسي ٽرمپ چوي ٿو ته جنگيون نه ٿين ٻئي پاسي حملي جي ڳالهه ڪري ٿو. ٽرمپ کان وڏو موقعي پرست ماڻهو ڪو ناهي. جيڪڏهن اسرائيل ڪاميابي سان حملو ڪري سگهي ها ته ڪري ها. اهو ايترو سولو ناهي، حملو ته هو ڪري ڇڏيندا پر نيوڪليئر پروگرام کي روڪڻ ۽ نقصان پهچائڻ ڏکيو آهي. آمريڪا جي سپورٽ کانسواءِ اهو ڏکيو آهي ۽ آمريڪا جنگ وڌائڻ نٿو چاهي. اسرائيل حملو ضرور ڪندو پر ڪو وڏو فائدو نه ٿيندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 08 آڪٽوبر 2024ع تي شائع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.