ڌماڪي جي جاچ لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم، سهڪار ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ايئرپورٽ ڌماڪي جي جاچ لاءِ گڏيل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايئرپورٽ ڌماڪو ناقابل برداشت آهي، اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن. تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز،  ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڌماڪي تي بريفنگ ڏني وئي، سنڌ جي وڏي وزير ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي جاچ لاءِ گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته گڏيل سهڪار ڪيو وڃي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، گڏيل ڪميٽي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي جاچ ڪندي. مراد علي شاهه چيو ته ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪو ناقابل برداشت آهي، اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن، پوليس ۽ ٻيا ادارا انٽيليجنس ڪم تيز ڪن. سنڌ جي وڏي وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به رابطا مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف سنڌ جو وڏو وزير چيني قونصليٽ پهتو ۽ قونصل جنرل سان ڌماڪي ۾ چيني شهرين جي فوت ٿيڻ تي تعزيت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته کيس انتهائي افسوس ٿيو آهي ۽ چيني حڪومت ۽ متاثر خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.