ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ فول پروف قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، بلاول ڀٽو ڌماڪي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪيو.