ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو آچر رات ٿيل ڌماڪي ۾ ٻن چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 4 پوليس اهلڪارن ۽ 2 رينجرز اهلڪارن سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جڏهن ته 15 گاڏين کي نقصان پهتو هو. ڌماڪي ۾ هڪ پوليس موبائل ۽ 2 رڪشا شامل آهن، ان حوالي سان ڊي آءِ جي ايسٽ اظفر مهيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪي ۾ مارجي ويل ٻن چيني شهرين جي سڃاڻپ لي جون ۽ هي چن زين طور ٿي آهي، جڏهن ته 17 زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، ٻئي طرف اسپتال اختيارين موجب ڌماڪي کان پوءِ جناح اسپتال ۾ 2 پرڏيهين سميت 3 ڄڻن جا لاش آندا ويا جن مان هڪ لاش مقامي رهواسي جو آهي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.، جناح اسپتال انتظاميا زخمين جي لسٽ جاري ڪري ڪئي، جنهن موجب هڪ عورت سميت 10 ڄڻن کي جناح اسپتال آندو ويو، زخمين ۾ عورت تسليم، 45 ورهين جو عظيم، پوليس اهلڪار وقار، محمد الياس، محمد نعيم، عمر طارق، رانو خان، حمزه ۽ علي شامل آهن، جڏهن ته هڪ زخمي جي حالت نازڪ آهي، ٻي پاسي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڪراچي ايئرپورٽ سگنل ويجهو ٿيل ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي، جنهن موجب ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ 70 کان 80 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، ڌماڪو وي بي آءِ ڊي جي گاڏي ۾ ڪيو ويو، گاڏي جي مالڪ جي به سڃاڻپ ٿي وئي، جيڪو بلوچستان جو رهواسي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معائني دوران معلوم ٿيو ته آپگهاتي حملو پرڏيهين جي وفد تي ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 گاڏين کي سخت نقصان پهتو، جڏهن ته 3 گاڏيون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون، رپورٽ موجب آپگهاتي بمبار ڪار ۾ بارودي مواد کڻي چين جي شهرين جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، جنهن ٽارگيٽ کي ويجهو ايندي ان سان ٽڪرائي ڇڏيو، جاچ اختيارين موجب حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي جي چيسز مان مالڪ جا تفصيل مليا آهن، جنهن جو نالو شاهه فهد آهي ۽ هو بلوچستان جي علائقي نوشڪي جو رهواسي آهي، جاچ اختيارين موجب نادرا رڪارڊ جي حوالي سان جاچ جو دائرو بلوچستان تائين وڌايو ويو آهي، شاهه فهد جا شناختي دستاويز حاصل ڪيا ويا آهن ۽ شاهه فهد پاران استعمال ڪيل سمن جي ڊيٽا جو به جائزو ورتو پيو وڃي، جاچ ذريعن ٻڌايو ته دهشتگرد ڊبل ڪيبن ٽويوٽا رويو گاڏي ڪراچي مان خريد ڪئي، دهشتگردن جو ٽارگيٽ چيني انجنيئرز جي ڪوسٽر هئي، دهشتگرد حملي لاءِ گاڏي ۾ بارود ڀري رکيو هو، پروٽوڪول جي گاڏي وچ ۾ اچڻ سبب حملي آور ناڪام ٿيو، جاچ ذريعن ٻڌايو ته حملي جي منصوبا بندي ڪراچي جي بلوچ پاڙي ۾ ڪئي وئي، جاچ موجب دهشتگرد شاهه فهد 5 سيپٽمبر تي گاڏي پنهنجي نالي ڪرائي، هن پريڊي واري علائقي جي هڪ هوٽل ۾ رهائش اختيار ڪئي، هو 2 ڀيرا ڪراچي آيو هو، 2023 ۾ 3 ڊسمبر تي ڪراچي آيو ۽ هڪ ڏينهن ترسڻ بعد واپس روانو ٿي ويو هو، جنهن بعد هو 4 آڪٽوبر 2024 ۾ آيو، پريڊي جي علائقي ۾ قائم هوٽل ۾ انٽري ڪئي، 10 لڳي 37 منٽن تي شاهه فهد هوٽل ۾ بائيو ميٽرڪ ڪرائي ڪمرو حاصل ڪيو ۽ ڌماڪي جي ڏينهن ٻنپهرن جو 12 وڳي هوٽل تان چيڪ آئوٽ ڪيو، دهشتگرد فهد ڪراچي ۾ ٻئي ڀيرا هڪ ئي هوٽل ۾ ترسيو، جاچ موجب دهشتگرد فهد 2023 ۾ جڏهن ڪراچي آيو هو ته ان وقت ساڻس گڏ 2 ٻيا ماڻهو به هئا، جن جي به سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، دهشتگرد جو تعلق نوشڪي سان هو جيڪو ٻن ڏينهن تائين ڪراچي ۾ موجود هو، دهشتگردي جي ڪارروائي کان پوءِ جاچ جو اختيار وڌايو ويو آهي، دهشتگرد سان رابطي ۾ موجود ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي،
اسلام آباد(م ڊ) چين ايمرجنسي پلان لاڳو ڪري ڪراچي حملي جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، چين جي پرڏيهي وزارت ڪراچي آپگهاتي حملي جي ردعمل ۾ مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ، چيني شهرين، چيني منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ موثر قدم کڻي، ترجمان چيو ته دهشتگردي انسانيت جو گڏيل دشمن آهي، پاڪ چين اعتماد، تعاون ۽ سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي دهشتگرد قوتن جون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون ۽ چين دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو، ترجمان چيو ته پاڪستان پاڪ چين لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پورٽ قاسم اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي چيني عملي کي وٺي ويندڙ قافلي تي ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو حملو ڪيو ويو، حملي ۾ 2 چيني مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته هڪ مقامي شهري به مارجي ويو ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا آهن، جاري ڪيل بيان ۾ چيني سفارتخاني چيو ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخانو ۽ قونصليٽ جنرل هن دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪن ٿا، چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني ۽ قونصليٽ جنرل فوري طور هڪ هنگامي منصوبو شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ حملي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي، چيني سفارتخاني چيو ته جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ، پاڪستان ۾ چيني شهرين، ادارن ۽ منصوبن جي حفاظت لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي درخواست آهي، چيني سفارتخاني جو چوڻ آهي ته چيني سفارتخاني ۽ قونصل خاني، پاڪستان ۾ چيني شهرين، ڪاروباري ادارن ۽ پراجيڪٽس کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي سڪيورٽي جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ، حفاظتي قدمن کي مضبوط بڻائڻ ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني وڃي چيني سفير جيانگ ذائيدونگ سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڪراچي ڌماڪي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.