جهنگ/ حيدرآباد (پ ر) ڪسان رابطا ڪميٽي پاران جهنگ ۾ هاري ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌي هاري تحريڪ،ليبر قومي موومينٽ، حقوق خلق پارٽي سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي ڪسان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ فاروق طارق، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، ڊاڪٽر دلدار لغاري، اسماعيل خاصخيلي، علي نواز عالماڻي، ليبر قومي موومينٽ جي لطيف انصاري، خيرپور ھاري موومينٽ جي علي کوسو ۽ سڄي ملڪ مان وفدن سميت پنجاب مان ھزارن جي تعداد ۾ ھارين، مزدورن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن خطاب چيو ته حڪومت زراعت کي تباھ ڪري ڇڏيو، پاڻي جي کوٽ، زرعي جنسن جي اگھن ۾ لاٿ ۽ زرعي دوائن جي وڌندڙ قيمتن ھارين ۽ ننڍن آبادگارن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. گرين ڪارپوريٽ جي نالي ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غيرملڪي سرمائيدارن ۽ فوج حوالي ڪئي پئي وڃي جنھن سان لکين ھاري خاندان متاثر ٿيندا، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ ڪالاباغ سميت سڀ وڏا ڊيم رد ڪيا وڃن. عربن ۽ فوجين کي ڏنل چولستان جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان واھ ۽ ڪينال ڪڍي سنڌ کي بنجر ٺاھڻ جي سازش بند ڪئي وڃي. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته زرعي سڌارا آڻي زمينون بي زمين مقامي ھارين ۾ ورھايون وڃن.