غوثپور ۾ بدامني خلاف هڙتال، جي يو آءِ پاران ريلي،”امن کپي“ جا نعرا

غوثپور(عبدالجبار اوڳاهي)غوثپور ۽ ڪشمور ضلعي ۽ ڀرپاسي جي علائقن شهرن ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وڌنڌڙ بدامني، ڀتا خوري ۽ اغوا جي وڌندڙ وارداتن واري عمل خلاف  جي يو آءِ تعلقي ڪنڌڪوٽ  ۽غوثپور ٽائون جي سڏ تي شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، ڪارڪنن، شھرين شھر جي بئنڪ چوڪ کان  احتجاجي ريلي ڪڍي ، مظاھرين کپي کپي امن کپي جا نعرا هنيا،ريلي کي سيد سھيل احمد شاھ جيلاني ،سعدﷲ اوڳاھي ، مولانا جماالدين اوڳاھي ،عبدالواحد اوڳاھي،  نادر علي بهلڪاڻي، چوڌري رميش لال، ڊاڪٽر سندر بالاڻي، حافظ اسدﷲ اوڳاھي ،ثناءَﷲ اوڳاھي ،مولانا خان محمد ملڪ، اسدالله ڀيو،  ،محمد علي ڀيو خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ڪشمور کي ڏوھارين جي حوالي ڪيو ويو آھي،چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن،  ڀتا خور مافيا ۽ اغوا ڪار ٽولن ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي،هنن چيو ته روزانو ڦر ۽ اغوا جا واقعا معمول بڻيل آهن پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي  جيستائين امن امان جي صورتحال بھتر نه ٿيندي تيستائين اسان جو  احتجاج جاري رھندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.