اسلام آباد (معظم فخر) علي امين گنڊاپور جي گم ٿيڻ جو نتيجو اهو آيو آهي ته عمران خان کي سياسي اڳواڻن ۽ ميڊيا کان پري ڪيو ويو آهي. اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ٻڌڻي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت کي ڪيس جي فيصلي کان روڪيوآهي. ٻڌڻي ۾ پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم عدالت ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي ۽ استدعا ڪئي وئي ته اسلام آباد ۾ ايس سي او ميٽنگ ٿيڻ واري آهي، اسلام آباد ۾ حفاظتي انتظام سخت هوندا ۽ ان جا اثر راولپنڊي تي به هوندا، ان جي ڪري ان دوران 12 آڪٽوبر کان 17 آڪٽوبر تائين ڪيسن ۾ اسان کي رليف ڏنو وڃي جيئن ڪيس متاثر نه ٿين اسان جي نه اچڻ جي ڪري. ٽيم ڪيس کي هفتي لاءِ التوا هيٺ رکڻ جي درخواست ڪئي. جج ٻڌڻي کي 12 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تي ٿيندي. ان کانپوءِ حڪومت کي موقعو مليو، حڪومت طرفان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته ڪو به اڳواڻ عمران خان سان نه ملي سگهي. ان دوران اهو ڏٺو ويندو ته ڪير عمران خان جي سهولتڪاري ڪري رهيو آهي ۽ سندس رابطا بحال رهن ٿا.