عدليه مارشل لا جي منظوري ڏني، فيصلن جي مثالن ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو\چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلن جي مثالن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. عدليه ڪڏهن مارشل لا جي توثيق ڪري ٿي، ڇا جج آئين جا پابند ناهن؟  سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي پاپوليشن ڊپارٽمينٽ ملازمن جي بدلي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. ججن وٽ غير آئيني ٺهراءُ منظور ڪرڻ جو اختيار ڪٿان آيو؟ . چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو ججن جي ڪلاسن جو وقت اچي ويو آهي، ڇا جج ٿيڻ سان آئين ۽ قانون جون تقاضائون ختم ٿي وينديون آهن، وڪيلن کي آئين جي ڪتاب کان الرجي ٿي وئي آهي، اهي هاڻي آئين جو ڪتاب نٿا کڻن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته چيو وڃي ٿو نظر ثاني جي درخواست جلد داخل ڪئي وئي، ٻڌايو وڃي ته اڍائي سال پراڻي نظرثاني جي درخواست ڇو داخل ڪئي وئي؟ عدالت پنجاب پاپوليشن کاتي جي ملازم جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻئي طرف چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سوشل ميڊيا پسند ۽ ناپسند لاءِ ادارن سان کيڏيو پيو وڃي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ مارگلا هلز نيشنل پارڪ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سول جج سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد کان روڪي رهيا آهن. ڇا هن عدالت جي توهين نه ڪئي.  جسٽس شاهد بلال رمارڪس ڏنا ته جج انعام الله دعويٰ تي حڪم نامو جاري ڪيو، دعويٰ جي ڪورٽ فيس جمع ناهي ڪئي، ڪورٽ فيس جي ادائگي کانسواءِ دعويٰ قابل دليل ناهي. ساڳيو حال سڄي پنجاب جي ماتحت عدليه ۾ ٿئي ٿو، وڪيل جج کي دعويٰ پڙهڻ نه ٿا ڏين ۽ منع نامو وٺي ٿا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.