سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڀرتين لاءِ اعلي’ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي( رپورٽر)سنڌ هاءِ  ڪورٽ اسپتالن،  اسڪولن سميت ٻين کاتن جي عوامي ترقياتي منصوبن ۾ ملازمن کي ڀرتي نه ڪرڻ  خلاف درخواست تي ٻڌڻي، عدالت ڀرتيون نه ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري کي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي چيئرپرسن شيرين ناريجو جي سربراهي ۾ اعلي’ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو،  عدالت چيو ته چيف سيڪريٽري اعلي’ سطحي ڪميٽي جوڙي، ٻڌڻي دوران 15 سالن ۾ ملازمتن جي منظوري نه ڏيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت چيو ته ڪميٽي ۾سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ورڪس اينڊ سروس جي سيڪريٽري کي شامل ڪيو وڃي،  ڪميٽي ۾ اوقاف کاتي جي سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي انسپيڪشن جي چيئرمين کي شامل ڪيو وڃي،  عدالت چيو 15 سالن ۾ عوامي مقصدن لاءِ عمارتن جي اڏاوت جي باوجود ملازمن جون ڀرتيون منظور ڇو ناهن ڪيون ويون،  جسٽس صلاح الدين پهنور ڪميٽي جي تفصيلي رپورٽ به طلب ڪري ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.